ڪراچي: وڏي وزير جو امين الحق سان رابطو، واقعي کي لسانيت جو رنگ نه ڏيڻ تي اتفاق

0
274
Murad ali Shah

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايم ڪيو ايم اڳواڻ امين الحق کي ٽيليفون ڪري ڪالهه پيش آيل واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو ته اهڙا واقعا ڪنهن به صورت ۾ نه ٿيڻ گهرجن، سياسي اختلافن کي ڳالهين ذريعي حل ڪيو ويندو

سنڌ جي وڏي وزير ۽ امين الحق وچ ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ان واقعي کي لسانيت جو رنگ نه ڏنو وڃي، ٻنهي طرفن پاران لسانيت بابت بيانن جي مذمت ڪئي وئي، واقعي ۾ ڪنهن ماڻهو جي فوت ٿيڻ جي صورت ۾ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بابت صلاح مشورا ڪيا ويندا، پوسٽ مارٽم ڪرڻ سان موت جو جيڪو به سبب هوندو اهو سامهون اچي ويندو

وڏي وزير جي ترجمان موجب امين الحق ٽنڊوالهيار واقعي تي حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو، ٻنهي اڳواڻن مستقبل ۾ اهڙي صورتحال پيدا نه ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو

ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو واقعي جي جاچ ڪرائيندو، انڪوائري ۾ جيڪو به ملوث هوندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي

ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير امين الحق کي نئين مڪاني ادارن واري قانون تي ڳالهين جي به آڇ ڪئي، جنهن تي امين الحق چيو ته هو پارٽي سان مشاورت بعد جواب ڏيندو

ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير ايم پي اي صداقت حسين سان به فون تي رابطو ڪري سندس طبيعت معلوم ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اهڙا واقعا ڪنهن به صورت ۾ نه ٿيڻ گهرجن، سنڌ جي وڏي وزير صداقت حسين کي ٻڌايو ته هن پوليس کي هدايت ڪئي هئي ته کيس ڪالهه ئي آزاد ڪيو وڃي

ٻئي پاسي وڏي وزير مراد علي شاهه سان آءِ جي سنڌ ۽ ڪمشنر ڪراچي جي گڏجاڻي دوران متحده پاڪستان جي مظاهري دوران پيش آيل واقعي جو جائزو ورتو ويو

وڏي وزير طرفان گهرو سيڪريٽري کي معاملي جي جاچ لاءِ پنهنجي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت، وڏي وزير چيو آهي ته جاچ ۾ جنهن جي به زيادتي جا ثبوت ملن، اُن خلاف ايڪشن کنيو ويندو، شهر جو امن برقرار رکڻ حڪومت جي ذميواري آهي