ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪراچي ورسٽي ۾ چيني استادن تي آپگهاتي حملو ڪرڻ جي ڏوه  ۾ گرفتار  داد بخش بلوچ کي 14 ڏينهن جي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏيندي جاچ آفيسر کان ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جو چالان طلب ڪري ورتو آهي. ڪالهه پوليس پاران جوابدار جو رمانڊ مڪمل ٿيڻ بعد کيس پيش ڪرڻ دوران جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار کان اڃا جاچ مڪمل ناهي ٿي، جوابدار بي ايل اي ۽ بي ايل ايف ڪراچي جو ڪمانڊر آهي، جيڪو ڪراچي ورسٽي ۾  چيني استادن تي آپگهاتي حملي جو ماسٽر مائينڊ آهي، هو ڪراچي ۾  چينين تي  ٿيل حملن ۾ سهولتڪاري جو ڪم پڻ ڪندو هو.