ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت  16 سيپٽمبر 2021ع تي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ ڦر دوران واٽهڙو شھري مصطفيٰ جي قتل، پوليس مقابلي ۽ دهشتگردي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي پابندي مڙهيل تنظيم بلوچ لبريشن آرمي جي دهشتگرد جلال عرف جلال الدين کي مجموعي طور 35 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت جوابدار تي 20 هزار رپيا ڏنڊ وجهي  مقتول جي وارثن کي 20 لک رپيا معاوضو ادا ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو ته ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار کي وڌيڪ هڪ سال قيد ڪاٽڻي پوندي،