ڪراچي: واٽر پمپ واري علائقي ۾ ميڊيا ورڪر جو فليٽ مان ڦاهو ڏنل لاش هٿ

0
273
ڪراچي: واٽر پمپ واري علائقي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جَي واٽر پمپ واري علائقي ۾ ميڊيا ورڪر جو فليٽ مان ڦاهو ڏنل لاش هٿ آيو آھي، پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان فهيم مغل غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي آپگهات ڪيو آهي

پوليس جو چوڻ آھي تھ نوجوان کي 6 نياڻين جو اولاد هو، غربت سبب پريشان رهندو هو، نوجوان جي آپگھات بعد سندس گھر ۾ قھرام مچي ويو، ٻئي پاسي ڪنڊياري ڀرسان ڳوٺ گهرام ناريجو ۾ گهرو اڻبڻت تان عورت ميران ڪڇي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، گمبٽ ڀرسان ستين درجي جَي شاگرد امير حمزه مغل گهرو اڻبڻت تان روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، ڳولا جاري آھي.