ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي واٽر بورڊ جي ايم ڊي کي اضافي چارج ڏيڻ خلاف درخواست تي چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري سروسز ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري 20 مئي تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. درخواستگذار محمود اختر نقوي پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته اسدالله خان ڊپٽي مينيجنگ ڊائريڪٽر آهي، کيس ايم ڊي جي اضافي چارج ڏني وئي آهي، ايم ڊي جي پوسٽ تي 21 گريڊ جو آفيسر مقرر ڪري اسدالله خان کان اضافي چارج واپس ورتي وڃي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اسدالله خان پاران ايم ڊي طور ورتل مراعتن جا تفصيل طلب ڪيا وڃن.