ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشوري ۾ آر بي او ڊي سم نالي جو گندو پاڻي ڪراچي واھ / ڪي بي فيڊر ۾ ڇوڙ  ڪيو پيو وڃي، گندو پاڻي واپرائڻ سبب ھزارين ٻار توڙي مرد عورتون مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ جو خدشو آهي. سنڌ يونيورسٽي  لمس يونيورسٽي  مھراڻ يونيورسٽي  ھائوسنگ سوسائٽي، ڄامشورو شھر سيوھڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي، ڪوٽڙي، ٺٽو ڪراچي  کي  پيئڻ جو پاڻي سپلاء ڪندڙ ڪي بي فيڊر / ڪراچي واھ ۾ زھريلو گندو سم نالي جو پاڻي جي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي. معلوم ٿيو آھي ته ضلعي انتظاميا ۽ ٽائون ڪاميٽي انتظاميا پاران سم نالي جي بند کي اڳ ۾ ڪٽ ھڻي برساتي ۽ سم نالي جو پاڻي جو نيڪال لاء ڇوڙ ڪيو ويندو ھو جنھن کي گذريل ڪجھ ڏينھن کان انتظاميا جي ملي ڀڳت سان ھر ڀيري ڪي بي فيڊر جو پاڻي بند ڪرائي ڪٽ ڏنو ويندو ھو  پر ھن ڀيري  ڪي بي فيڊر جي ھلندڙ پاڻي ۾  ڪٽ ڏيڻ بجاء زير زمين وڏو پائيپ لائين ھڻي مستقل طور تي زھريلي گندي سم نالي جي پاڻي جو ڇوڙ جو سلسلو جاري رکيو ويو آھي جنھن سبب ڪي بي فيڊر مان ھزارين مڇيون مري ڪپ تي اچي ڪرڻ لڳيون آھن. اي سي ڪوٽڙي سميع الله سنجراڻي سان ان معاملي تي رابطو ڪرڻ تي ان ٻڌايو ته  سوشل ميڊيا تي ان بابت ڄاڻ ملي آھي مون ايڊمنسٽريٽر اصغر ڀنڊ کي چيو جيڪو ان مسئلي کي ڏسي رھيو آھي، ان سلسلي ۾ ٽائون ڪاميٽي انتظاميا آفيسر اصغر ڀنڊ سان مسلسل رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي سندس موبائيل فون بند مليو.