ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ آپگھات ڪندڙ عورت واري واقعي جو نئون رخ، ناري جو ڪوڙو نڪاح نامو ٺهرائي هراسان ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جو انڪشاف، ناري جي وائرل ٿيل آڊيو ۾ کيس جنسي طور تي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي دانهن، ناري بليڪ ميلرن کان تنگ اچي آپگھات ڪيو، پوليس جي دعويٰ، 4 جوابدار گرفتار، ان ڏس ۾ 3 ڏينهن اڳ شادمان ٽائون واري علائقي ۾ هڪ عورت خودڪشي هئي، خودڪشي ڪندڙ عورت جا انتهائي قدم کڻڻ کان اڳ پنهنجن دوستن ڏانهن اماڻيل آڊيو ميسيجز وائرل ٿي ويا، جن ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن. آپگهات ڪندڙ عورت آڊيو ميسيجز ۾ چيو آهي ته مون سان جيڪي ٿيو آهي، مون سڄي رات جاڳي گذاري آهي، مون کي ڪالز ڪيون پيون وڃن، مون کي ڊيڄاريو پيو وڃي ته اچ اسان سان مل، مونکي چيو وڃي ٿو ته تنهنجن ٻارن کي ماري ڇڏينداسين، آئون وڌيڪ برداشت نٿي ڪري سگھان، منهنجو نمبر به ٻين ڇوڪرن ۾ ورهايو ويو آهي، مون کي معاف ڪجان، آئون اڄ جيڪو قدم کڻڻ وڃي رهي آهيان، اهو منهنجي زندگي جو خاتمو آهي، پاڙي جا ڪيترائي ڇوڪرا مون کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته اسان جي ڳالهه مڃ نه ته تنهنجي ٻارن کي ماري ڇڏينداسين، جوابدار وقاص منهنجي وڊيو ٺاهي وائرل ڪئي آهي، وقاص ٽن ٻارن جو پيءَ آهي، هو 4 مهينن کان هراسان ۽ تنگ ڪري رهيو آهي، نوڪري لاءِ گھران نڪرندي آهيان ته رستو روڪيندو آهي، وقاص منهنجو جعلي نڪاح نامو ٺاهي دعويٰ ڪري ٿو ته آئون تنهنجو مڙس آهيان. عورت جا آڊيو ميسيج وائرل ٿيڻ بعد پوليس حرڪت ۾ اچي وئي، پوليس آپگھات ڪندڙ عورت جي وارثن جا بيان قلمبند ڪرن بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪيو. شاهراهه نور جهان ٿاڻي تي عورت جي ڀاءَ عبدالوسيم جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويوآهي ته منهنجي ڀيڻ کي پي سي او مالڪ ۽ سندس دوستن تنگ ڪيو، جن ۾ وقاص، عامر، اسد، فرحان، شهزاد ۽ شاهد شامل آهن، منهنجي ڀيڻ پنهنجي دوست کي ميسيج اماڻيا ۽ پکي سان ڦاهو ٻڌل تصوير به اماڻي. ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بعد پوليس ڇاپا هڻي وقاص سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، جوابدار وقاص ۽ عورت وچ ۾ ڪافي عرصي کان لاڳاپا هئا، جوابدارن وڊيو ٺاهي کيس بليڪ ميل ڪندا هئا. پوليس موجب جوابدار وقاص پنهنجي ڀيڻ جي گھر ۾ متاثر عورت جي وڊيو ٺاهي، سندس ڀيڻ کان به پڇاڳاڇا ڪئي ويندي.