ٺاروشاھ (ن پ ا) ٺاروشاھ پريس ڪلب تي ڪراچي واسي عورت مسمات گلشاد بٽ پهچي دانهيندي ٻڌايو ته ڀاءُ ۽ اڳوڻو مڙس  منهنجا گهر ۾ پيل 16 لک رپيا کڻي ويا آھن، پيسا گهرڻ تي ڀاءُ ۽ اڳوڻو مڙس مونکي ڪراچيء مان اغوا ڪري مارڻ  لاء ٺاروشاھ ڀرسان ڳوٺ سومر چنڙ ۾ کڻي آيا، جتي مونکي سخت تشدد جو نشانو بڻائي مونکي بيهوش ڪري گهر ۾ واڙي ڇڏيو، جتان هوش ۾ اچڻ بعد وجھ وٺي ٺاروشاھ ٿاڻي تي پهتس، هن چيوته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيارناهي،  زندگيء کي خطرو آھي، انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾   ايس ايس پي نوشھروفيروز جي آفيس آڏو پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏينديس.