ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي عدالت ڪراچي واسڻ پاران لڄالٽ ڪندڙ بليڪ ميلرن کان تنگ ٿي آپگهات ڪرڻ واري ڪيس جي مک جوابدار وقاص سميت 3 ڄڻن کي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ڪالهه پوليس وقاص سميت 3 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ اڃا 3 جوابدار روپوش آهن، جن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، آپگهات ڪندڙ عورت پنهنجي ساهيڙي کي جوابدارن پاران بليڪ ميل ڪرڻ بابت ميسيجز ڪري سندن نالا به ٻڌايا هئا. واضح رهي ته بليڪ ميلرن کان تنگ ٿي آپگهات ڪندڙ عورت آڊيو ميسيجز ۾ چيو هو ته مون سڄي رات جاڳي گذاري آهي، مون کي ڪالز ڪري ڊيڄاريو پيو وڃي ته اچ اسان سان مل، مونکي چيو وڃي ٿو ته تنهنجن ٻارن کي ماري ڇڏينداسين، آئون وڌيڪ برداشت نٿي ڪري سگھان، منهنجو نمبر به ٻين ڇوڪرن ۾ ورهايو ويو آهي، مون کي معاف ڪجان، آئون اڄ جيڪو قدم کڻڻ وڃي رهي آهيان، اهو منهنجي زندگي جو خاتمو آڻيندو، هن چيو ته پاڙي جا ڪيترائي ڇوڪرا مون کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، اهي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته اسان جي ڳالهه مڃ نه ته تنهنجن ٻارن کي ماري ڇڏينداسين، جوابدار وقاص منهنجي وڊيو ٺاهي وائرل ڪئي آهي، هو منهنجو جعلي نڪاح نامو ٺاهي مڙس هجڻ جي دعويٰ ڪري رهيو آهي