اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪراچي جي شهرين کي ٽن مهينن لاءِ 6 رپيا في يونٽ بجلي مهانگي ملندي، نيپرا وفاقي سرڪار جي درخواست جي منظوري ڏئي ڇڏي، بجلي جي صارفين کان اپريل، مئي ۽ جون جي بلن ۾ اوڳاڙي ڪئي ويندي. گذريل سال جي پهرين ٽن مهينن جي مد ۾ هڪ رپيو 55 پيسا في يونٽ اضافو ڪيو ويو، هلندڙ سال جي پهرين ٽن مهينن جي مد ۾ بجلي جو في يونٽ 4 رپيا 45 پيسا مهانگو ڪيو ويو آهي. بجلي جي صارفين کان اپريل، مئي ۽ جون جي بلن ۾ اوڳاڙي سان 20 ارب رپين جو اضافي بار پوندو.