اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيپرا ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ بجلي سستي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جاري ڪيل نيپرا جي نوٽيفڪيشن موجب ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ ايف سي اي تحت بجلي پنج رپيا 13 پئسا في يونٽ سستي ڪئي وئي آهي. نيپرا جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ 4 رپيا 62 پئسا بجلي في يونٽ سستي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي ۽ ان بنياد تي اٿارٽي 25 آڪٽوبر 2022 تي ايف سي اي تي عوامي ٻڌڻي ڪئي. نيپرا پڌرائي موجب ڪي اليڪٽرڪ جي سپٽمبر جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ پنج رپيا 13 پئسا في يونٽ لاٿ ڪئي وئي آهي، نوان اگهه نومبر جي بلن ۾ لاڳو ڪيا ويندا. نيپرا موجب لائيف لائين ۽ ٽي سئو يونٽ تائين گهريلو واهپيدارن سميت زرعي واهپيدارن ۽ اليڪٽرڪ وهيل چارجنگ اسٽيشنز تي بجلي جا نوان اگهه لاڳو نه هوندا.