ڪراچي (م ڊ) ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي جي واهپيدارن لاءِ مئي جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي في يونٽ 11 رپيا 34 پيسا مهانگي ڪرڻ لاءِ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي کي درخواست اماڻي ڇڏي، ڪي اليڪٽرڪ طرفان فيول ايڊجسٽمينٽ لاءِ داخل ڪيل درخواست تي نيپرا ۾ 4 جولاءِ تي ٻڌڻي ٿيندي. ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست جي منظوري جي صورت ۾ ڪراچي جي واهپيدارن تي 22 ارب 64 ڪروڙ 90 لک رپين جو واڌو بار پوندو. نيپرا ٻڌڻي دوران ڪي اليڪٽرڪ طرفان جمع ڪرايل فيول ايڊجسٽمينٽ جي درخواست جي جواز جو جائزو وٺندو ۽ ٻڌڻي کانپوءِ بجلي جي قيمت ۾ واڌ جي درخواست تي فيصلو ڪيو ويندو.