ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشورو ٽائون انتظاميا آر بي او ڊي سم نالي کي ڪٽ هڻي زهريلو پاڻي ڪراچي واھ ۾ ڇوڙ ڪري ڇڏيو آهي،  ٽائون ڪاميٽي ڄامشورو جي ايڊمنسٽريٽر آر بي او ڊي  سم نالي کي ڪٽ ھڻائي زھريلو گندو پاڻي ڪي بي فيڊر ۾ ڇوڙ ڪرايو. ڪي بي فيڊر مان ڄامشورو شھر،  لمس يونيورسٽي، سنڌيونيورسٽي، مھراڻ يونيورسٽي، سنڌيونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي، سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ۽ ڪوٽڙي شهر سميت ڀرپاسي وارن علائقن جي لکين ماڻهن  کي پيئڻ جو پاڻي سپلاءِ ٿئي ٿو، جڏهن ته جي ڪروڙين ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي پهچائيندڙ ڪينجهر ڍنڍ به ڪراچي واھ مان ڀرجي ٿي، ڪوٽڙي ۽ ڄامشورو واسين ڪراچي واھ ۾ سم نالي جو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. سندن چوڻ آهي ته زھريلو پاڻي واھ ۾ ڇوڙ ڪرڻ سبب ۽ ساڳيو پاڻي واپرائڻ سان وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، گندو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ واري عمل جو نوٽيس وٺي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف ٽائون ڪاميٽي جي ايڊمنسٽريٽر اصغر ڀنڊ جو چوڻ هو ته آر بي او ڊي جي سم نالي ۾ گڏ ٿيل برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪراچي واھ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو، ڊي سي ڄامشورو جي حڪم تي سم نالي جو پاڻي ڪراچي واھ ۾ ڇوڙ ڪرايو پيو وڃي.