اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ بجلي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. نيپرا جي پڌرائيءَ موجب ڪي اليڪٽرڪ جي جنوري جي فيول چارجز لاءِ مالي سال 23-2022 جي ٻي ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ تي نيپرا چيئرمين توصيف ايڇ فاروقي جي صدارت هيٺ ٻڌڻي ٿي. پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ 7 رپيا 36 پئسا في يونٽ لاٿ ۽ 2 رپيا 70 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست جمع ڪرائي هئي. نيپرا ڊيٽا جي جاچ پڙتال موجب جنوري جي ايف سي اي جي مد ۾ واڌ هڪ رپيو 71 پئسا يونٽ ٺهي ٿي، جيڪا رڳو مارچ جي بلن ۾ لاڳو ٿيندي. پڌرائيءَ موجب لائف لائن ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشنز کانسواءِ ڪي اليڪٽرڪ جي سڀني واهپيدارن تي ايف سي اي لاڳو هوندي.