ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ 3 مقابلا:  7 جوابدار هاف  فراءِ ؛  ان ڏس ۾ بوٽ بيسن پوليس بيچ ويو پارڪ وٽ مقابلي بعد 2 جوابدارن محمد وقاص پٽ بخت نواز ۽ بلال ولد وحيد خان کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري 2 پستول، گوليون، موبائل فون، روڪ رقم ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪري ورتا ، ٻنهي جوابدارن 17 جنوري تي پارڪ ٽاور وٽ ڦر دوران مزاحمت تان نيوي  اهلڪار محمد شان  کي قتل ڪيو هو. ٻئي طرف عزيز ڀٽي پوليس يونيورسٽي روڊ تي فائرنگ جي ڏي وٺ بعد 5 جوابدارن عابد، انور، اسلم، زبير ۽ احسان کي زخمي حالت ۾ گرفتارڪري ورتو، جڏهن ته سندن ساٿي عديل فرار ٿي ويو. پوليس موجب جوابدارن جي قبضي مان 5 پستول، گوليون، موبائيل فون ۽ 3 موٽر سائيڪلون هٿ ڪيون ويون، جوابدار ٽولو هڪ سو کان وڌيڪ وارداتن ۾ ملوث آهي.