لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز 24 اپريل تي ٽن ڏينهن جي دوري لاءِ ڪراچي پهچندي، مريم نواز ڪراچي جي قومي اسيمبلي جي تڪ 249 تي ننڍي چونڊ ۾ پارٽي اميدوار مفتاح اسماعيل جي چونڊ مهم ۾ حصو وٺندي، ذريعن موجب مريم نواز ٽن ڏينهن جي دوري دوران ريلين ۽ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي، پ پ جو پي ڊي ايم کان ڌار ٿيڻ بعد مريم نواز جو سنڌ جو هي پهريون سياسي طاقت جو مظاهرو هوندو.