ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ نجي بنيڪ ۾ ڌاڙو، 31 لاڪر ٽوڙيا ويا، روڪ رقم ۽ ڪروڙن جا سونا زيور ڦر، لاڪر مالڪن جو بينڪ آڏو هنگامو، ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات سخي حسن وٽ قائم هڪ نجي بينڪ ۾ ڌاڙو لڳو، هٿياربند پاڻ سان ڪٽر ۽ ويلڊنگ مشين به آندي، جن ذريعي لاڪر ٽوڙيا ويا. ايس ايس پي حيدر رضا موجب مجموعي طور 34 لاڪر ٽوڙيا ويا پر 3 لاڪر خالي هئا، 31 لاڪرن ۾ پيل سونا زيور، اهم دستاويز ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ايس ايس پي موجب هٿياربند ان وقت بينڪ آڏو پهتا، جنهن وقت سيڪيورٽي گارڊ ماني کائڻ ويو هو، سيڪيورٽي گارڊ ماني کائي واپس آيو ته هٿياربند ان سان گڏ بينڪ ۾ داخل ٿيا، سيڪيورٽي الارم به وڳو، جنهن بعد سيڪيورٽي ڪمپني جي گاڏي به آئي ۽ وري واپس هلي وئي، سيڪيورٽي عملي مان هڪ گارڊ ۽ ڦورن وچ ۾ هاٿا پائي به ٿي پر ٻين اهلڪارن فائرنگ نه ڪئي. پوليس سيڪيورٽي گارڊ کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ڌاڙي جي اطلاع تي لاڪر مالڪ بينڪ پهچي ويا، انهن پوليس سان به منهن ماري ڪئي.