ڪراچي: نارٿ ناظم آباد ۾ عورت جي قتل وارو ڊراپ سين، مڙس قاتل نڪتو

0
213
ڪراچي: نارٿ ناظم آباد ۾ عورت جي قتل وارو ڊراپ سين، مڙس قاتل نڪتو
ڪراچي: نارٿ ناظم آباد ۾ عورت جي قتل وارو ڊراپ سين، مڙس قاتل نڪتو

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد واري علائقي ۾ عورت جي قتل وارو ڊراپ سين، مڙس قاتل نڪتو

 نارٿ ناظم آباد بلاڪ ڪيو، ڪوهستاني پاڙي ۾ عورت جي قتل واري ڳجھارت حل ٿي وئي، سميرا نالي عورتن جي قتل ڪيس ۾ سندس مڙس يونس ملوث نڪتو

ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته 18 اپريل تي پوليس کي ڪوهستاني پاڙي ۾ هڪ عورت جي ڇرين جي حملي  ۾ زخمي ٿيڻ جو اطلاع مليو هو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت  کي اسپتال پهچايو هو، جتي هوءَ ڳچيءَ تي ڇُري ڦيرڻ سبب فوت ٿي وئي هئي

پوليس شاهدين جي بنياد قاتل جو  پيرو کڻي عورت جي مڙس کي گرفتار ڪيو، جوابدار پاران ڏوهه جو اعتراف ڪيو ويو

پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته  پوليس قتل ۾ استعمال ٿيندڙ اوزار  به هٿ ڪري ورتو، جوابدار زال جي قتل ڪيس ۾ گرفتار آهي

هي به پڙهندا

ٺارو شاهه ڀرسان اغوا بعد ناري قتل، ٿڃ پياڪ ٻارڙو زخمي

ڏهرڪي: 5 مهينن دوران ڌاڙيلن هٿان ڊي ايس پي سميت 11 اهلڪار شهيد