ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ميڪسيڪن عورت کي ٻارڙي سميت ناحق بند رکڻ جو انڪشاف، پوليس قونصل خاني جي درخواست تي ڪارروائي ڪندي ميڪسيڪن عورت کي پٽ سميت بازياب ڪرائي ورتو. ايس پي لانڍي شاهنواز چاچڙ موجب بازياب ڪرايل پرڏيهي عورت سال 2017ع ۾ پاڪستاني شهري سان شادي ڪئي هئي، عورت تي سندس مڙس ۽ گهرڀاتي تشدد ڪندا هئا. ايس ايس پي موجب عورت اردو ۽ انگريزي ڳالهائي نٿي سگهي، هو پنهنجي ملڪ وڃڻ جي خواهشمند آهي. ايس پي لانڍي وڌيڪ ٻڌايو ته ترجمو ڪندڙ (ٽرانسليٽر) جي مدد سان پرڏيهي عورت جو تفصيلي بيان قلمبند ڪيو ويندو، ميجسٽريٽ ۽ قونصل خاني سان صلاح مشوري بعد ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.