ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي پوش علائقي ۾ موبائل فونن جي دڪانن مان ڦرلٽ  ڪندڙ جوابدارن سان پوليس جو مقابلو، 3 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار، ايس ايس پي سائوٿ سيد اسد رضا موجب گذري ٿاڻي جي حد ۾ خيابان عباسي ۾ کليل ميدان وٽ مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ بعد 3 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، سندن 2 ساٿي فرار ٿي ويا. ايس ايس پي موجب گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ وقار احمد، محمد صادق ۽ محمد عادل طور ٿي، سندن قبضي مان هڪ پستول، 3 موبائيل فون ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي. ابتدائي جاچ موجب جوابدار انتهائي گھربل هئا، سندن تعلق سرائيڪي گينگ سان آهي،اهي  موبائل فونن جي دڪانن مان ڦرلٽ ڪندا هئا. ايس ايس پي سائوٿ موجب جوابدارن 12 مارچ تي سحر ڪمرشل ۾ موبائيل جي دڪان مان هڪ ڪروڙ جي ماليت جا 55 موبائيل فون ۽ 5 لک روڪ ڦر ڪيا  هئا. جوابدارن 12 فيبروري تي بدر ڪمرشل ۾ موبائيل جي دڪان مان 27 موبائل فون، 7 سمارٽ واچز ۽ روڪ رقم ڦر ڪري ويا هئا.