ڪراچي: ملڪ ۾ هلندڙ هفتي مهانگائي ۾ رڪارڊ واڌ

0
346

ڪراچي: ملڪ ۾ هلندڙ هفتي مهانگائي ۾ رڪارڊ واڌ ٿي، مهانگائي جي شرح هڪ ڏهائي 3 هڪ سيڪڙو واڌ بعد 14.33 سيڪڙو ٿي وئي، اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي اگهه ۾ 12 رُپيا 11 پئسا واڌ، کنڊ ڏيڍ رُپيو ۽ زنده ڪڪڙ 7 رُپيا 30 پئسا في ڪلو مهانگي، بيضا 5 رُپيا 29 پئسا في درجن مهانگا ٿي ويا، شماريات کاتي چوڻ آهي ته هڪ هفتي ۾ عام واهپي جون 22 شيون مهانگيون ٿيون، پيپلز پارٽي دوائن جي اگهن ۾ رڪارڊ واڌ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پ پ سينيٽر شيري رحمان جو چوڻ آهي ته ٽن سالن ۾ دوائن جي اگهن ۾ مجموعي طور 35 سيڪڙو واڌ ٿي، اهڙو ڪوبه شعبو نه آهي، جيڪو حڪومت جي ناڪام پاليسيز سبب متاثر نه ٿيو هجي.