ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ گھر ۾ ڌاڙي دوران مقابلي ۾ مارجي ويل گينگسٽر غلام ياسين ڀيو جي 2 ساٿين جي سڃاڻپ به ٿي وئي، پوليس پارٽي لاءِ 5 لک انعام ۽ سرٽيفڪيٽس جو اعلان، سول ايوارڊ جي سفارش به ڪئي ويندي. ان ڏس م ڪالهه ايڊيشنل آءِ جي جاويد عالم اوڍو ڊي آءِ جي عرفان بلوچ، فداحسين مستوئي ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گلبرگ ۾ 3 هٿياربند گھر ۾ گھڙيا هئا، سندن هڪ ساٿي ٻاهر ڪار ۾ موجود هو، اطلاع تي پوليس پارٽي پهتي ته ڪار ۾ سوار جوابدار سان مقابلو ٿيو، ڪار سوار زخمي ٿيڻ باوجود فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، گھر ۾ موجود جوابدارن کي پوليس جي پهچڻ جو اندازو ٿي ويو ته انهن گھرڀاتين کي ڍال بڻائي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي بهترين حڪمت عملي سبب ٽئي جوابدار مقابلي ۾ مارجي ويا، هڪ جوابدار غلام ياسين ڀيو تي هڪ ڪروڙ انعام جي سفارش ٿيل هئي، سندس 2 ساٿين جي سڃاڻپ امداد سپريو ۽ رميز ولد الاهي بخش طور ٿي، غلام ياسين ڀيو کي باباءِ ڪار چور چوندا هئا،  مٿس 53 ڪيس داخل ٿيل هئا، ايڊيشنل آءِ جي موجب مقابلو ۾ حصو وٺندڙن کي 5 لک روڪ ۽ سرٽيفڪيٽس ڏنا ويندا، جڏهن ته سول ايوارڊ لاءِ به سفارش ڪئي ويندي. ايڊيشنل آءِ جي چيو ته ٻوڏ جي تباهڪارين ۽ معاشي بدحالي سبب ڏوهه وڌيا آهن، پوليس ڏوهارين کي سوگھو ڪندي، هن چيو ته مڇرڪالوني واقعي جا جوابدار گرفتارڪرڻ تي پوليس ٽيم کي 2 لک ۽ سرٽيفڪيٽس ڏنا ويندا