ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پوليس مقابلي، قتل جي ارادي ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 2 جوابدارن مزمل ۽ عمر  کي 24-24 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن کي 18 مئي 2021ع تي نشان حيدر چوڪ تان گرفتار ڪيو ويو هو، جوابدارن پوليس اهلڪارن کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني هئي،  کين مقابلي بعد گرفتار ڪري سندن قبضي مان غير قانوني هٿيار هٿ ڪيا ويا هئا. جوابدارن خلاف پاڪستان بازار ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.