ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مسجد اندر نماز دوران شهري پاران پنهنجو ڳلو ڪپي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل، ان ڏس ۾ ڊفينس فيز 6 جي خيابان راحت ۾ واقع مسجد عمر فاروق ۾ جمعي نماز جي ادائگي دوران شهري بابر پنهنجو ڳلو ڪپي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي. پوليس موجب بابر کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي طبي امداد بعد سندس بيان رڪارڊ ڪيو ويو. پوليس موجب بابر ٻڌايو ته هن پريشاني سبب خودڪشي جي ڪوشش ڪئي. پوليس موجب وارثن ٻڌايو ته بابر جا 3 پٽ ۽ 2 ڌيئرون آهن، هڪ ڌيءَ دبئي ۽ پٽ اسلام آباد ۾ آهي، بابر تي ڪو قرض وغيره به ناهي ۽ نه ئي ڪو نفسياتي مسئلو آهي. پوليس موجب مسجد انتظاميا جو بيان به ورتو ويو، جن جو چُوڻ هو ته زخمي بابر نماز لاءِ باقاعدگي سان مسجد ايندو هو، پوليس موجب ٽيڪسٽائل واري شعبي سان سلهاڙيل بابر ڊپريشن جو مريض هو .