ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  صوبي جي مختلف علائقن مان کنڀي گم ڪيل شهرين جي بازيابي ۽ سندن گهرڀاتين جي ڪفالت بابت ڪيسن جي ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري 24 آگسٽ تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه مسمات محموده زبير پاران خاندان جي ڪفالت بابت داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي  دوران پوليس پاران اڳڀرائي رپورٽ  پيش ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو ته جاچ آفيسر درخواستگذار جي نشاندهي تي واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو آهي، جڏهن ته فريادي ۽  شاهدن جا بيان پڻ قلمبند ڪيا ويا آهن. رپورٽ ۾ وڌيڪ  چيو ويو آهي ته  کنڀيل شهري جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن. ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عدالت انهي کان اڳ به گم ٿيل مختلف شهرين جي وارثن جي ڪفالت جو حڪم ڏئي چڪي آهي. ان موقعي تي عدالت درخواستگذار جي وڪيل کان پڇيو ته ڇا گم ٿيل شهري سرڪاري ملازم آهي؟ جنهن تي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته هر شهري جون ضرورتون هڪجهڙيون آهن،سڀني جا حق برابر آهن. درخواستگذار جو مڙس ديني مدرسي جو ملازم هو، جنهن کي سرڪاري اهلڪار 19 مئي 2022ع تي گلشن اقبال مان کنڀي ويا. وڪيل عدالت کي گذارش  ڪئي ته جبري گمشدگي جي ايف آءِ آر داخل ٿي چڪي آهي، جنهن ڪري سندس خاندان جي ڪفالت جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري 24 آگسٽ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.