ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز ٻاهران ڇڪتاڻ، هوائي فائرنگ، 3 ڄڻا گرفتار، پوليس موجب ايم ڪيو ايم لنڊن جا ڪارڪن ملڪيتن بابت عدالتي فيصلي خلاف  بهادر ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز ٻاهران احتجاج ڪرڻ پهتا ته انهن جو ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪارڪنن سان جھيڙو ٿي پيو، جنهن سبب ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، مظاهرين هوائي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب علائقي ۾ هراس پکڙجي ويو. اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري پهچي 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. سڄي صورتحال جي رپورٽنگ ڪرڻ تي مڇريل ماڻهن نجي ٽي وي جي رپورٽر کي به تشدد جو نشانو به بڻايو