ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان 5 رڪني خضدار گينگ گرفتار، ان ڏس ۾ ايس آءِ يو ڪمانڊوز ناظم آباد ڀرسان سروس روڊ تان موٽرسائيڪلون ڦر ۽ چوري ڪندڙ 5 رڪني گينگ جي علي احمد، عبدالرسول، محمد اسلام، محمد يوسف ۽ عبدالحڪيم کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدارن وٽان عيد گاهه ۽ پاپوش نگر  مان چوري ٿيل 2 موٽرسائيڪلون ۽ 2 پستول به ھٿ ڪيا ويا، ايس ايس پي عارف اسلم رائو جو چوڻ  هو ته جوابدار ڪراچي ۾ هٿيارن جي زور تي موٽرسائيڪلون ڦر ڪري بلوچستان جي شھر خضدار کڻي ويندا هئا،  گرفتار جوابدار اڳ ۾ به ڪيترن ئي ڪيسن ۾ جيل ڪاٽي چڪا آهن،