ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي ) ڪراچي ۾ هٿيارن جي نمائش ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون، 30 گارڊ گرفتار، ڪيس داخل، سيڪيورٽي گارڊن جي تنظيم طرفان غيرملڪين سفاتڪارن کان سيڪيورٽي واپس وٺڻ جي ڌمڪي، ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت طرفان صوبي ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو ڪرڻ بعد پوليس ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو آهي. ڊي آءَ جي سائوٿ عرفان بلوچ موجب سائوٿ پوليس هٿيارن جي نمائش ڪرڻ تان 30 سيڪيورٽي گارڊن کي گرفتار ڪري مٿن 30 ڪيس داخل ڪيا آهن، ڊي آءِ جي موجب اهي گرفتاريون درخشان، ڪلفٽن، ڊفينس، فريئر، ساحل ۽ بوٽ بيسن ٿاڻن جي حدن مان ڪيون ويون، سرڪاري پابندي هيٺ سادا ڪپڙا پاتل سيڪيورٽي گارڊ هٿيار کڻي گهمي نٿا سگهن. ھوڏانھن سيڪيورٽي ڪمپنين جي تنظيم آءِ جي سنڌ کي خط لکي گرفتارين تي سخت احتجاج ڪيو آهي،خط ۾ چيو ويو ته سندن گارڊ يونيفارم ۾ هئا، انهي باوجود کين گرفتار ڪيو پيو وڃي، اهڙي صورتحال رهي ته اسان غيرملڪي سفارتڪارن کان سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏينداسين