ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ريلوي اختيارين ڪراچي کان مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ 3 ٽرينون بنا جواز ڄاڻائڻ جي روڪي ورتيون. ان ڏس ۾ ڪينٽ اسٽيشن کان ڪالهه شام جو لاهور لاءِ رواني ٿيندڙ پاڪ بزنس ايڪسپريس، ڪراچي ايڪسپريس ۽ گذريل رات 10 وڳي راولپنڊي لاءِ رواني ٿيندڙ گرين لائين جي روانگي کي معطل ڪيو ويو . ريلوي اختيارين چيو ته ٽنهي ٽرينن جي روانگي رڳو هڪ ڏينهن لاءِ معطل ڪئي وئي هئي. ٽنهي ٽرينن جي ٽڪيٽ وٺندڙ مسافرن کي ٻين ٽرينن ۾ متبادل طور ايڊجسٽ ڪيو ويو. ريلوي اختيارين چيو ته لاهور هيڊ ڪوارٽر جي هدايتن تي ٽرينون روڪيون ويون.