ڪراچي مان گم ٿيل داد لغاري واسي نوجوان وارثن کي ملي ويو

0
173

دادلغاري (ن پ ا) دادلغاري واسي پنج ڏينھن اڳ ڪراچي مان مبينا گم ٿيل نوجوان رحمت الله پتافي وارثن کي ملي ويو، جنهن جي وارثن به تصديق ڪئي آهي

نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته خوشي جي ڳالهه آهي ته اسان جو همراهه واپس اچي ويو آهي، جنهن جي اچڻ سان گهر ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي

واضح رهي ته قانون جو شاگرد رحمت پتافي پنج ڏينھن اڳ ڪراچي جي پنجاب ڪالوني مان پراسرار نموني لاپتا ٿي ويو ھو، جيڪو رات دير جو وارثن کي ملي ويو آهي