ڪراچي مان گرفتار جسقم اڳواڻ امجد مهيسر سوڌو 30ڪارڪن 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

0
357

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان گرفتار جسقم اڳواڻ امجد مهيسر سوڌو 30ڪارڪن 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي، پوليس قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي هٿڪڙيون عدالت ۾ پيش ڪيو، قومپرست اڳواڻن پاران پوليس مٿان تشدد جا الزام: سنڌي وسندين تي والار خلاف بحريه ٽائون آڏو ڌرڻي بعد ملير پوليس جون ڌرتي ڌڻين خلاف ڪارروائيون جاري، پپري ۾ چڙهائي دوران ايس ٽي پي ملير جو اڳواڻ بچل گبول گرفتار ٿي ويو، عدالت ۾ پيشي دوران جسقم جي وائيس چيئرمين امجد مھيسر ۽ ٻين جو چوڻ ھو تھ اسان ڪا بھ ڀڄ ڊاھ نھ ڪئي ھئي، بحريا ٽائون اڳيان پرامن ڌرڻو ھنيو ويو، لکين ماڻھو ڏسي انتظاميا جا ھوش کتا ٿي ويا، سازش تحت بحريا ٽائون ۾ باھ لڳائي وئي، جسقم چيئرمين صنعان خان سوڌو ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن کي بيگناھ کنڀيو ويو آھي، ڊڄڻ وارا ناھيون.