ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان کنڀيل 2 شهري گهر پهچي ويا، هاءِ ڪورٽ پاران اطمينان جو اظهار، ڪالهه وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته شهري فيض الله ۽ نواز خان گھر پهچي ويا آهن، ٻئي شهري اورنگي ٽائون ۽ گڏاپ مان گم ٿي ويا هئا، عدالت ٻنهي جي محفوظ واپسي تي اطمينان جو اظهار ڪندي درخواستون اڪلائي ڇڏيون.