ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرجاڻي مان کنڀي گم ڪيل معروف سولنگي جي گهر واپس پهچڻ سبب سندس گم ٿيڻ وارو ڪيس اڪلائي ڇڏيو . ڪالهه ٻڌڻي دوران معروف سولنگي عدالت آڏو پيش ٿي ٻڌايو ته کيس نامعلوم ماڻهو اکين تي پٽيون ٻڌي کنڀي کڻي ويا هئا، جيڪي گذريل ڏينهن کيس گهر ٻاهران ڇڏي ويا آهن. عدالت پاران پڇا ڪرڻ تي هن چيو ته مون کي اها ڄاڻ ناهي ته ڪير کڻي ويا هئا ۽ ڪٿي رکيو ويو هو؟ آئون ڪنهن خلاف ڪا ڪارروائي ڪرڻ نٿو چاهيان، جنهن تي عدالت کيس کنڀي گم ڪرڻ بابت داخل ڪيل درخواست اڪلائي ڇڏي. ياد رهي ته معروف سولنگي جي وڪيل لياقت گبول پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته معروف سولنگي کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار کنڀي کڻي ويا آهن