ڳڙھي ياسين ( رپورٽ: حزب الله پيرزادو ) شڪارپور جي سي آءِ اي پوليس پاران 9 ڏينھن اڳ ڪراچي مان کنڀيل خانپور جي ڳوٺ بنبل ڪٽو جي رهواسي نوجوان محمد خان عرف بابو ڪٽو کي ڳڙھي ياسين پوليس لاڙڪاڻو شڪارپور انڊس ھاءِ وي پير موسن شاھ وٽ جڙتو مقابلو ڏيکاري ڄنگهه ۾ گولي ھڻي اسپتال آندو.زخمي محمد خان عرف بابو ڪٽو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته سي آءِ اي اهلڪار آصف مغل 9 ڏينهن اڳ ڪراچي مان گرفتار ڪري ايس ايڇ او عبيدالرحمان ڌاريجو حوالي ڪيو،هن چيو ته ايس ايڇ او عبيدالرحمان ڌاريجو مون کي ڳڙھي ياسين پوليس حوالي ڪيو، ايس ايڇ او طارق لاکير پوليس موبائل ۾  کڻي وڃي ڄنگهه ۾ گولي ھڻي زخمي ڪيو.نه ڏوھاري آھيان نه ئي مون مٿان ڪو ڪيس داخل آھي، پوليس بيگناھ مون کي گرفتار ڪري گولي ھڻي زخمي ڪيو آھي.ايس ايڇ او ڳڙهي ياسين طارق لاکير موقف ڏيڻ کان ڪيٻائيندو رھيو ۽ فون ڪال اٽينڊ نه ڪئي.