ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي سان تعلق رکندڙ پي ٽي آءِ جي 9 ايم اين ايز استعيفائون منظور ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي کين بحال ڪيو آهي، جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب ۾ ننڍي چونڊ روڪڻ جو حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو آھي، انهي ڪري کين بحال ڪري ڪراچي ۾ 16 مارچ تي رٿيل  ننڍي چونڊ روڪي وڃي، درخواستگذارن ۾ آفتاب صديقي، سيف الرحمان خان، فهيم خان، عطاءُ الله خان، آفتاب جهانگير ۽ ٻيا شامل آهن، ٻئي طرف پي ٽي آءِ ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ اڳوڻي ايم اين اي آفتاب صديقي جو چوڻ هو ته ايم اين ايز جي استعيفائن جي منظوري غير قانوني آهي، اسپيڪر 9 مهينن تائين استعيفائن جي منظوري کان انڪار ڪيو، جڏهن اسان چيو ته اسيمبلي ۾ اچڻ چاهيون ٿا ته استعيفائون  فوري طور تي قبول ڪيون ويون،