ڪراچي مان جهول واسي نوجوان پراسرار نموني گم، وارث پريشان

0
271

جھول (رپورٽر) جھول شهر جو رهواسي نوجوان آصف پٽ رشيد احمد کرل ڪراچي مان پراسرار نموني گم ٿي ويو، نوجوان هڪ هفتو اڳ ڪراچي فيڪٽري ۾ ڪم ڪرڻ جو چئي نڪتو هو، وارثن موجب، نوجوان جو موبائل فون گذريل هڪ هفتي کان بند آهي، مٽن مائٽن توڙي دوستن وٽان معلوم ڪيو پر ڏس پتو نه مليو، وارثن مطالبو ڪيو آهي ته نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.