ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ري ان ايڪٽمينٽ (ڊرامائي تشڪيل ڏنل ) ڊرامن ۾ ڪم ڪندڙ اداڪاره  جو لاش هٿ، ان ڏس ۾ برگيڊ ٿاڻي جي حد ۾ جيڪب لائين ۾ گھر مان عورت جو ڪيترائي ڏينهن پراڻو لاش مليو، جنهن جي سڃاڻپ 50 ورهين جي نسرين تهذيب طور ٿي، پوليس ذريعن موجب نسرين تهذيب ڊرامن ۾ ڪم ڪندي هئي، نسرين کي سندس مڙس تهذيب مسواڙي گھر وٺي ڏنو هو، جڏهن ته تهذيب پاڻ وري پهرين گھر  واري سان گڏ رهندو آهي. پوليس موجب پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ موت جا ڪارڻ معلوم ٿي سگھندا