ڪراچي مان افغان بستي ختم ڪرڻ بابت درخواست تي اي جي سنڌ کي نوٽيس

0
565
سنڌ هاءِ ڪورٽ 9 قومي تڪن

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي افغان بستي ۾ حددخلين جي خاتمي لاءِ درخواست تي ڪي ڊي اي ۽ اي جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪيا آهن

عدالت ۾ ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته عملدار افغان بستي ۾ ڪارروائي ڪرڻ کان ڊڄن ٿا

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اها ڳالهه صحيح آهي، عدالت به کوڙ ڀيرا حڪم ڏنا آهن پر ڪو نتيجو نٿو نڪري، خبر ناهي اُتي ڪير ويندو آهي جو حڪمن تي عملدرآمد نٿو ٿئي

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته 90ع جي ڏهاڪي ۾ افغانين فليٽس تي قبضا ڪيا، نعمت الله خان ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ قبضا ختم ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو هو

جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته جڏهن سپريم ڪورٽ قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي ته پوءِ اسان جي حڪڪم جي ضرورت آهي؟

ھي به پڙھندا

نجي زمين تي شڪار ڪرڻ جي اجازت ڏني ته توهان خلاف ڪارروائي ٿيندي: سنڌ ھاءِ ڪورٽ پاران ايس ايڇ او سوراھ کي ڇنڊ