خانپور مهر (ن پ ا) خانپور مهر پوليس پاران ڳوٺ لعل پتافيءَ ۾ ڪارروائي ڪندي ڪراچي مان اغوا ٿيل معصوم نينگري کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. خبر موجب خانپور مهر پوليس ڳوٺ لعل پتافيءَ ۾ گهرن تي چڙهائي ڪري ٽن سالن جي معصوم نينگري عائشه ڌي اسد کي بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي آهي، ايس ايچ او خانپور مهر قابل ڀيو ٻڌايو 3 مهينا اڳ نينگري کي ڪراچي مان اغوا ڪيو ويو هو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي بينچ جي حڪم تي ڪارروائي ڪري نينگريءَ کي بازياب ڪرايو آهي، جنهن کي سومر تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.  پوليس موجب ڪراچي جي گلشن اقبال جي رهواسڻ مغوي نينگري جي امڙ ماريه پتافي 20 فيبروري 2023 تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي بينچ ۾ پٽيش داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو هو ته مون ڪجهه وقت اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو جنهن جي پلاند طور جوابدار ڀاءُ ديدار پتافي منهنجي ڌي کي اغوا ڪيو.