ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي فيڪٽري سانحي ۾ گرفتار فيڪٽري مالڪ ۽ ٻن مينيجرن سميت 8 جوابدار 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي، آزاد ڪرڻ واري درخواست رد، فيڪٽري مالڪ عبدالخالق جج آڏو روئيندو رهيو ته منهنجو ڪو ڏوهه ناهي، انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس آهي، منهنجي سڀاڻي عمري لاءِ ٽڪيٽ ڪٽيل آهي، عدالت هڪ به نه ٻڌي، جڊيشل مئجسٽريٽ اولهه جي عدالت ۾ سائيٽ ايريا ۾ زڪوات جي ورهاست دوران 11 ماڻھن جي فوت ٿيڻ واري ڪيس ۾ نامزد فيڪٽري مالڪ عبدالخالق ۽ ٻن مينيجرن سميت 8 جوابدارن کي پيش ڪيو ويو، وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن ڪو به ڏوهه ناهي ڪيو، زڪوات ورهائي رهيا هئا ته واقعو پيش آيو، جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته زڪوات ورھائڻ دوران لاپرواهي جو مظاھرو ڪيو ويو، عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن غفلت آهي ته پوءِ حادثي جي ايف آءِ آر ڇو ڪٽي وئي آهي، جوابدارن ڇا ڪيو آھي؟ جاچ آفيسر وراڻيو ته زڪوات ورھائڻ لاء اجازت نه ورتي وئي هئي، عدالت چيو ته زڪوات ورھائڻ لاءِ ڪنھن کان اجازت وٺڻ جي ضرورت ھوندي آھي، جوابدارن جي وڪيل چيو ته جوابدارن ڪو ڏوهه ناهي ڪيو، ڪيس ختم ڪيو وڃي، فيڪٽري مالڪ عبدالخالق جي سڀاڻي عمري جي ٽڪيٽ لڳل آهي، جنهن تي فيڪٽري مالڪ عدالت کي ٻڌايو ته منهنجو ڪو به ڏوهه ناهي، انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي صدمو پهتو آهي، عدالت فيڪٽري مالڪ ۽ ٻن مينيجرن سميت سمورن جوابدارن کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي کين آزاد ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، واضح رهي ته ڪراچي فيڪٽري سانحي ۾ زڪوات جي ورهاست دوران لاپرواهي ڪرڻ تي فيڪٽري مالڪ ۽ انتظاميا جي 9 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته فيڪٽري ۾ ھر سال زڪوات ورهائي ويندي ھئي، زڪوات جي ورهاست دوران انتظاميه جي لاپرواهيءَ ۽ ناقص انتظامن سبب ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جنھن دوران فوتگيون ٿيون، پوليس ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، واضح رهي ته ڪالهه سائيٽ ايريا ۾ واقع فيڪٽري ۾ زڪوات جي ورهاست دوران 11 ماڻهو چيڀاٽجي فوت ٿي ويا هئا.

ڪراچي: ڪراچي ۾ فيڪٽري ۾ ڀاڄ دوران 12 ڄڻن جي فوت ٿيڻ وارو معاملي جاچ جاري، وڌيڪ هڪ ڄڻو گرفتار، جاچ ٽيم طرفان فيڪٽري جو دورو، هڪ فوتي عورت جي سڃاڻپ ميرپور ماٿيلي واسڻ طور ٿي. 2 ڏينهن اڳ سائيٽ ايريا ۾ نورس چورنگي وٽ نجي ڪمپني ۾ زڪوات جي ورهاست دوران ڀاڄ پوڻ سبب 12 ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري معاملي جي جاچ جاري آهي. پوليس ڪارروائي ڪري وڌيڪ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن بعد گرفتار ٿيلن جو انگ وڌي 8 ٿي ويو، ايس پي انويسٽيگيشن ڪياماڙي عبدالحفيظ بگٽي ڪالهه واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو. ايس پي انويسٽيگيشن ڪياماڙي موجب هن وقت تائين 8 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن کان جاچ جاري آهي، مين دروازو کولڻ بعد اندريون دروازو نه کوليو ويو، تنگ گلي سبب پوئتي کان ايندڙ ماڻهو ضعيف ۽  ٻارڙن تي چڙهي ويا، ماڻهن جو وڌيڪ دٻاءُ هو، جنهن سبب پاڻي جي لائين ٽٽي وئي، فيڪٽري مالڪن نه ته ايس او پيز تي عمل ڪيو ۽ نه ئي انتظاميا کي آگاهه ڪيو، ماڻهو گذريل ڪجهه ڏينهن کان هتي  زڪوات وٺڻ لاءِ اچي رهيا هئا. هن چيو ته پاڻي ۾ ڪرنٽ جا ڪي به ثبوت نه مليا. ھوڏانھن فوت ٿي ويلن مان هڪ عورت شهزادي شيخ جو لاش ميرپورماٿيلي منتقل ڪيو ويو، ايڌي ترجمان موجب فيصل ايڌي جي هدايتن تي مفت ايمبولينس ۾ ميرپورماٿيلي منتقل ڪيو ويو، عورت جو تعلق ڳوٺ ڏنو ماڪو سان هو.