ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ فوڊ ڊليوري بواءِ فليٽ جي لفٽ ۾ دٻجي فوت ٿي ويو. ڪلفٽن جي تين تلوار واري علائقي ۾ نوجوان نويد سعيد جو فليٽ جي لفٽ ۾ دٻيل لاش مليو. پوليس موجب نوجوان سحري وقت فليٽ ۾ڊليوري ڏيڻ آيو هو، جنهن بعد ڪمپني توڙي سندس وارثن جو رابطو ڪٽجي ويو، اطلاع ملڻ تي سندس موبائيل جي لوڪيشن عمارت ۾ آئي، اتي پهتاسين ته سندس لاش لفٽ ۾ ڦاٿل هو،