ڪراچي/ ملير (حبيب جمالي ۽ ناز شر) ڪراچي جي سنڌي وسندي عبدالله شاهه غازي ڳوٺ بلاڪ اِي کي ڊاهڻ لاءِ اينٽي انڪروچمنٽ فورس ۽ پوليس جي هڪ هفتي اندر ٽيون ڀيرو ڪارروائي،  شيلنگ،  فائرنگ، عورتون قرآن پاڪ مٿي تي رکي روڊن تي نڪري آيون، شيلنگ  سبب  عورتن سميت 24 ڳوٺاڻا زخمي، 4 گرفتار، 2 اهلڪار به زخمي ٿي پيا، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، محبوب عباسي، اعجاز سامٽيو سميت 150 ڄڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل،  ايس يو پي طرفان اڄ احتجاج جو اعلان، ان ڏس ۾ سچل واري علائقي ۾ واقع سنڌي وسندي عبدالله شاهه غازي ڳوٺ بلاڪ اي تي اينٽي انڪروچمينٽ فورس ۽ پوليس هفتي اندر ٽيون ڀيرو ڪاروائي ڪئي، جنهن دوران پوليس بڪتربند گاڏين ذريعي شيلنگ ڪرڻ سان گڏ  ڳوٺاڻن مٿان فائرنگ ڪئي وئي، پوليس ڪارروائي  دوران عورتون ۽ ٻارڙا قرآن پاڪ مٿي تي رکي روڊن تي اچي ويا، ان موقعي تي پوليس ۽ ڳوٺاڻن ۾ چڪريون ٿيون، هڪ ڪلاڪ تائين علائقو جنگ جو ميدان بڻيل رهيو، قومپرست اڳواڻ اعجاز سامٽيو موجب پوليس جي شيلنگ سبب عورتن سميت 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ اقرا، امير زادي، سسئي، صابره، مهوش، شيري، ليلا، شهلا، شمائلا، صائمه، صوبيه، حميده، ثنا، زاهده، شاهي، حفيظ الله، علي رضا، ظهير، منور علي، مظفر علي، حاڪم علي، سهيل، فراز، مير، شهنشاهه شامل آهن، جڏهن ته پوليس 4 ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري ورتو. ٻئي طرف پوليس ڪارروائي خلاف سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي اڳواڻن اعجاز سامٽيو، عنايت کٽياڻ، عبدالرزاق شر، ايس ٽي پي جي مبارڪ ڀٽي، علي بخش لاشاري، قومي عوامي تحريڪ جي مظهر راهوجو، سنڌياڻي تحريڪ جي افروز ڪٽپر، ڳوٺ بچايو ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ غلام مطفيٰ چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن ۽ ڪارڪنن سخت احتجاج ڪندي ٽائرن کي باهيون پڻ ڏنيون، احتجاج ڪندڙن اينٽي انڪروچمينٽ فورس، پوليس ۽ بلڊر مافيا خلاف سخت نعريبازي ڪئي،انهي دوران اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ۽ مشتاق سرڪي به ڳوٺاڻن سان همدردي لاءِ پهتا، حليم عادل شيخ چيو ته و ڏي وزير مراد علي شاهه جي حڪم تي ڳوٺ کي ڊاهي زمين بلڊر حوالي ڪئي پئي وڃي، اسان ڳوٺ ڊاهڻ نه ڏينداسين. ٻئي طرف قومپرست اڳواڻن چيو ته عبدالله شاهه غازي ڳوٺ ڪراچي جي نج سنڌي ۽ وڏي آبادي آهي، بلڊر خالد حڪومتي آشيرواد سان غازي ڳوٺ جي فرنٽ جي 4 ايڪڙ زمين تي زبردستي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن خلاف ڳوٺاڻا سراپا احتجاج بڻيل آهن، هڪ طرف سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ بنگالي، بهاري، افغاني آبادين کي تحفظ ڏئي پڪو ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف ڌرتي ڌڻين جي آبادين خلاف ڪارروايون ڪري سندن اجها ڊاٺا ويا آهن، هوڏانهن سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته عبدالله شاهه غازي ڳوٺ جي نياڻين تي پوليس جي تشدد، فائرنگ ۽ شيلنگ وارو عمل انتهائي افسوسناڪ ۽ شرمناڪ آهي، سنڌ حڪومت ۽ انتظاميا  ڪارروايون بند نه ڪيون ته سڄي سنڌ ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو، جڏهن ته جسقم جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته اسان ڳوٺاڻن سان گڏ آهيون، جسقم پاران سڀاڻي سومر  تي سڄي سنڌ ۾  مظاهرا ڪيا ويندا. هوڏانهن سچل ٿاڻي تي تپيدار علي نواز جي فرياد تي غازي ڳوٺ جي ماڻهن ۽ احتجاج ۾ شامل قومپرست اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ دهشتگردي جو قلم به شامل ڪيو ويو. ايف آءِ آر ۾ صحافي غلام مرتضيٰ ڪيريو، دانش ڀٽي، تابش ڀٽي، برڪت عباسي، شاهد عباسي، محبوب عباسي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، آغا شبير، عبدالمجيب خان، ميان بخش، حفيظ مارفاڻي، ظفر پنهور، عاجز چانڊيو، مصطفيٰ چانڊيو، اعجاز سامٽيو، الطاف، رياض ڪيول، حاجي سڪندر، آغا سجاد، امداد شاهه، سرفراز شاهاڻي سميت 100 کان 150 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو. پوليس ايف آءِ آر ۾ ڳوٺاڻن جي احتجاج کي پابندي مڙهيل تنظيمن سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ايف آءِ آر جي متن موجب اسان اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي مدد سان حددخليون هٽائڻ پهتاسين ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن جي ڪارڪنن نسل پرستي جا نعرا هنيا، جوابدارن پوليس تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب علائقي ۾ خوف پيدا ٿي ويو، 2 اهلڪارن منظور ۽ ذوالفقار  گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، پوليس پاران شيلنگ ڪرڻ بعد شرپسند فرار ٿي ويا. ٻئي طرف ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو غازي ڳوٺ واقعي جو نوٽيس وٺي ڊي آءِ جي اوڀر کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو آهي، هن ڊي آءِ جي کي هدايت ڪئي ته هو پاڻ ڳوٺ جو دورو ڪري ۽ جاچ ڪري ته عورتن تي تشدد ڪيئن ٿيو؟ جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي،