ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ عوامي مفاد ۾ بلڊرز خلاف داخل درخواست داخل ڪرائيندڙ پٽيشنر  جي معلومات گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت درخواستگذار ۽ سندس پٽ بابت رينجرز ۽ لاڳاپيل ٿاڻي کان تفصيلي رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي آھي، ٻڌڻي دوران وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته  درخواستگذار جو پٽ ذيشان اعواڻ ايف آءِ اي جو ملازم آهي،  درخواستون داخل ڪري بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، ادارن ۾ درخواستون داخل ڪرڻ کانپوءِ رقم جو مطالبو ڪيو ويندو آهي، رقم ملڻ کانپوءِ  درخواست واپس ڪئي ويندي آهي، ٻڌڻي دوران درخواستگذار خواجا محمد اعواڻ ۽ بلڊرز وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه جي آواز جي رڪارڊنگ به عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، وڪيلن چيو ته رينجرز ايف آءِ اي ملازم ذيشان اعواڻ خلاف ڪارروائي جو يقين ڏياريو هوپر  ھن وقت تائين ڪا اڳڀرائي نه ٿي آھي، عدالت رينجرز جي ونگ ڪمانڊر ليفٽيننٽ ڪرنل سيد اسد اشتياق ڪاظمي کان تفصيل گھري ڪري ورتا، جڏهن ته عدالت پوليس کان درخواستگذار ۽ سندس گهروارن جو رڪارڊ به طلب ڪندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته درخواستگذار يا سندس خاندان خلاف ڪيترا ڪيس داخل آهن؟ جنھن تي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته درخواستگذار هڪ کان وڌيڪ آئيني درخواستون داخل ڪري واپس وٺي ڇڏيون، ٻڌڻي دوران جسٽس عرفان سعادت درخواستگذار کان پڇاڻو ڪيو ته توهان سمورا خرچ ڪيئن برداشت ڪندا آهيو؟ جنھن تي درخواستگذار ٻڌايو ته منهنجي 60 هزار پينشن آهي، ٻار پرڏيهه ۾ آهن، هڪ پٽ ايف آءِ اي جو ملازم آهي، اهي مدد ڪندا آھن، جسٽس عرفان سعادت چيو ته عدالت انهن ڪيسن ۾ ڏسندي ته عوامي مفاد جهڙي پرڪشش نعري پويان ڪا بدنيتي ته ناهي، ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو سستي شهرت لاءِ به درخواستون داخل ڪندا آهن،