ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان( ٽي پي پي) جا دهشتگرد ٻيهر سرگرم،  فيڪٽري مالڪن کي گولي سان گڏ ڀتي جون پرچيون موڪلڻ ۽ اغوا ڪرڻ جو انڪشاف، ايس آءِ يو  2 افغانين کي گرفتار ڪري ورتو. ان ڏس ۾ ايس ايس پي (اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ) جنيد شيخ سي آءِ اي سينٽر تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سائيٽ ايريا ۾ فيڪٽري مالڪن کان ڀتو گهرندڙ تحريڪ طالبان جي 2 جوابدارن وحيد خان ۽ محمد خان کي گرفتار ڪيو آهي، سندن هڪ ساٿي آزاد خان ڪي پي فرار ٿي ويو آهي جوابدارن وٽان افغانستان جا ڪارڊ مليا، سندن پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ به ٺهيل آهن. هن چيو ته سائيٽ ايريا ۾ فيڪٽري مالڪن کي هڪ ڪروڙ رپين جي ڀتي جون پرچيون مليون، انهن پرچين ۾ هڪ گولي به اماڻي ويندي هئي، ڀتا خور ڪال ڪري فيڪٽري مالڪن کي ڀتو نه ڏيڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏيندا هئا، اسان  ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، هن چيو ته  ڀتي جي رقم دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيندي هئي، اها رقم بونير ۾ تحريڪ طالبان جي هيڊ آفيس ويندي هئي،جوابدار  ظاهري طور واٽر ٽينڪر جو ڪاروبار ڪندا هئا، اهي فيڪٽري مالڪن کي اغوا ڪري حب کڻي ويندا هئا، سنگين ڏوهن ۾ ملوث جوابدار هڪٻئي جي مدد ڪندا هئا ڀتي جي رقم کي پرڏيهي ڪرنسي ۾ تبديل ڪرائيندا هئا ۽ اهي ٻاهر منتقل ڪيندا هئا، جوابدارن جو گروهه 8 ڄڻن تي مشتمل آهي