ڪراچي: صدر ۾ ڌماڪي بعد اغوا ڄاڻايل نينگري هٿ، وارث ٿاڻي تي طلب

0
217
اغوا ڄاڻايل نينگري هٿ
ڪراچي: صدر ۾ ڌماڪي بعد اغوا ڄاڻايل نينگري هٿ، وارث ٿاڻي تي طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پوليس جي ڪارروائي، بم ڌماڪي بعد مبينه اغوا ٿيل نينگري بازياب، ايس ايس پي شبير سيٺار موجب نبي بخش ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪري 15 ورهين جي سويرا کي بازياب ڪرايو آهي

سويرا ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ ٿيل بم ڌماڪي بعد لاپتا ٿي وئي هئي، وارثن پريڊي ٿاڻي تي سندس اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو

ايس ايس پي سٽي شبير سيٺار موجب ڪارروائي دوران هڪ جوابدار فرار ٿي ويو، سويرا جو بيان رڪارڊ ڪيو پيو وڃي ۽ سندس وارثن کي به طلب ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي موجب نينگري جو بيان رڪارڊ ٿيڻ بعد حقيقت واضح ٿي ويندي