ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي پوش علائقي ڪلفٽن مان صحافي ۽ سماجي ڪارڪن ارسلان خان کنڀجي ويو. ارسلان  جي گھرواري عائشه موجب جمعي جي رات 4 وڳي  دروازي جي گھنٽي وڳي، 10 کان وڌيڪ اهلڪار گھر ۾ داخل ٿيا، جن جا منهن ڍڪيل هئا، انهن ارسلان کي رياست خلاف لکڻ جو  چئي کنڀي کڻي ويا، عائشه موجب اهلڪارن ارسلان  ۽ ڌيءَ  جو موبائل فون وٺي ڇڏيو، اهلڪارن ليپ ٽاپ جو پڇيو  بعد ۾ هنن ارسلان کي چيو ته تون اي ڪي 47 آهين نه؟  عائشه موجب اي ڪي 47 ارسلان جو ٽوئيٽر هينڊل آهي. ارسلان جي جبري گشمدگي تي ايمنسٽي انٽرنيشنل، صحافتي تنظيمن ۽ سياستدانن ڳڻتي جو اظهار ڪيو