ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي جي بلن ۾ ڪي ايم سي جو ميونسپل ٽيڪس لڳائڻ کانپوءِ شهرين جو رد عمل سامهون اچڻ شروع ٿي ويو.  ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ شهري ڪي اليڪٽرڪ جي گاڏين ۾ ڪچرو اڇلائڻ لڳا، گذريل ڏينهن هڪ  شهري پاران ڪي اليڪٽرڪ جي گاڏي ۾ ڪچرو اڇلائڻ تان سندس  ڪي اليڪٽرڪ جي عملدار سان منهن ماري پڻ ٿي،  شهري ڪي اليڪٽرڪ جي گاڏي ۾ ڪچرو اڇلائيندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ بجلي بلن ۾ ڪي ايم سي جو ميونسپل ٽيڪس اوڳاڙي ٿي ته پوءِ  ڪچرو به کڻي.