ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ 2012ع ۾ ذاتي تڪرار تان شهري خالد پرويز کي قتل ڪندڙ جوابدارسراج جي اپيل رد ڪندي ماتحت عدالت پاران ٻڌايل موت واري سزا برقرار رکي ڇڏي، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته  سراج 2012ع ۾ ذاتي تڪرار تان فائرنگ ڪري خالد پرويز کي قتل ڪري ڇڏيو هو، مٿس جيڪسن ٿاڻي تي قتل ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ماڊل ٽرائل ڪورٽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ٻڌائي هئي.