ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شهرين کي اغوا ڪري ڀنگ طلب ڪندڙ سي ٽي ڊي جو سب انسپيڪٽر شعيب قريشي ضمانت رد ٿيڻ بعد عدالتي ڪمري مان گرفتار، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ شهرين کي اغوا ڪري ڀنگ طلب ڪرڻ واري ڪيس ۾ شعيب قريشي ضمانت لاءِ پيش ٿيو، عدالت پاران ضمانت رد  ڪرڻ تي شعيب قريشي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي،  پوليس کيس پڪڙي ورتو، پوليس موجب سي ٽي ڊي جي سب انسپيڪٽر شعيب قريشي تي نيو ڪراچي مان 2 شهرين کي اغوا ڪري ڀنگ طلب ڪرڻ جو الزام آهي، جاچ رپورٽ ۾ به شعيب قريشي کي ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي،  جوابدار خلاف 21 جولاءِ 2022 تي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو هو،