ڪراچي(رپورٽ: نظير ميمڻ ) ڪراچي جي وسندي ڪلفٽن ۾ اڳوڻي ڊي سي جي پٽ هٿان قتل ٿيل پوليس اهلڪار واري ڪيس ۾ ثبوت لڪائڻ جو انڪشاف، جوابدار خرم نثار پنهنجي سالي عامر جي زال ۽ ٻارن سان گڏ دبئي فرار ٿيو، دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ پوليس شاهين فورس جي اهلڪار جي قتل ڪيس ۾  مک جوابدار خرم نثار جي سالي  عامر ۽ ڊرائيور اورنگزيب کي پيش ڪري ڇڏيو،  پوليس شروعاتي جاچ رپورٽ جمع ڪرائيندي چيو آهي ته جوابدار جي ڊرائيور جاچ دوران قتل جي ڄاڻ هجڻ ۽ ثبوت لڪائڻ جو اعتراف ڪيو آهي، پوليس موجب 21 ۽ 22 نومبر جي وچ واري رات ۾ جوابدار خرم نثار ڊرائيور اورنگزيب کي فون ڪري ايئرپورٽ گهرايو، جوابدار ڊرائيور کي ٻڌايو ته هن پوليس اهلڪار کي قتل ڪيو آهي، جوابدار جي هدايت تي ڊرائيور گاڏي مان هٿيار ۽ نمبر پليٽ ڪڍي لڪايا، ڊرائيور جي نشاندهي تي پوليس جوابدار خرم جي ڪمري مان هٿيار ۽ نمبر پليٽ هٿ ڪئي پوليس رپورٽ موجب ڊرائيور اورنگزيب خلاف سنڌ آرمز ايڪٽ تحت ڌار ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب جوابدار خرم واقعي جو اطلاع پنهنجي سالي عامر کي ڏنو، عامر جوابدار خرم نثار سان گڏ ايئرپورٽ پهتو، هن پنهنجي زال ۽ ٻارن کي جوابدار خرم سان گڏ دبئي موڪليو، عدالت ٻنهي جوابدارن کي 30 نومبر تائين جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي ا پوليس کان اڳڀرائپ رپورٽ  طلب ڪري ورتي.